اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان پاڪستان ۾ ڪيوبا جي سفير گيبريل ٽيل ڪيپوٽي جمعي ڏينهن هتي الوداعي ملاقات ڪئي. ايوان صدر جي ميڊيا ونگ موجب صدر عارف علوي ان موقعي تي چيو ته پاڪستان ڪيوبا سان پنهنجي لاڳاپن کي خصوصي اهميت ڏي ٿو ۽ گڏيل مفادن لاءِ واپار، معيشت، صحت ۽ ثقافت جي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي و??يڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿو. صدر چيو ته پاڪستان 2005ع جي زلزلي کانپوءِ طبي ٽيمون ۽ پاڪستاني ميڊيڪل شاگردن کي وظيفا ??راهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڪيوبا جي تعاون ??ي ساراهي ٿو.