اسلام آباد – 27 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ احساس ڪفالت ادائيگي سينٽر جو دورو ڪيو جنهن ۾ اڄ کان 70 لک مستحقين کي ادائيگي شروع ڪئي ويندي. خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه ن??تر وزيراعظم کي ادائيگين جي معيار کي بهتر بڻائڻ ?? سائبر حملن جي خلاف تحفظ کي يقيني بڻا??ڻ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته هن ڀيري عورتن جي بئنڪن تائين پهچ ۽ اي ٽي ايم مان رقم جي وصولي پڻ يقيني بڻائي وئي آهي. احساس ادائيگي نظام کي وصول ڪندڙن جي لاءِ مفيد ۽ آسان بڻا??ڻ جي لاءِ بايو ميٽرڪ اي ٽي ايم مان رقم جي وصولي جو آپشن پهريون ڀيرو متعارف ڪرايو پيو ??ڃي.