اسلام آباد – 15 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان قطر سان پنهنجي لاڳاپن کي خص??صي اهميت ڏئي ٿو. پاڪ قطر لاڳاپن کي هڪ مضبوط سياسي ۽ معاشي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا. اها ڳالهه صدر پاڪستان ۾ قطر ج?? سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن فيصل الثاني سان ڳالهائيندي جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي قطر?? سفير کي ذميداريون سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته پاڪستان قطر سان پنهنجي لاڳاپن کي خص??صي اهميت ڏي ٿو. پاڪ قطر لاڳاپن کي هڪ مضبوط سياسي ۽ معاشي حصيداري ۾ تبديل ڪرڻ چاهيون ٿا، ??در چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا مختلف شعبن ۾ گڏيل تعاون جا زبردست امڪان موجود آهن. پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا بي پناهه موقعا موجود آهن ۽ قطر کي ان موقعي مان فائدو کڻڻ گهرجي.