اسلام آباد – 14 جون (اي پي پي) پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ايس او ??يز جون خلاف ورزيون جاري رهيون ته ايندڙ مهيني تائين ڪورون?? ڪيسن جو انگ 1.2 ملين تائين پهچي سگهي ٿو. وفاقي وزير اسد عمر اين سي او سي ۾ اجلاس جي صدارت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي ان خدشي جو اظهار ڪيو ته حڪومت پا??ان ڪورونا وائرس تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ ايس او ??يز تي عملدرآمد نه ڪيو و??و ته جولاءِ جي آخر تائين ڪورونا وائرس ڪيسن جو انگ 1 ملين کان 1.2 ملين تائين پهچي سگهي ٿو. هن چيو ته جون جي وچ تائين ڪورون?? ڪيسن جو انگ ڏيڍ لک تائين پهچي ويو آهي ۽ ماهرن موجب جيڪڏهن اها ئي صورتحال رهي ته جون جي آخر تائين 3 لک جڏهن ته جولاءِ جي آخر تائين ڪورون?? ڪيسن جو انگ 1 ملين کان 1.2 ملين تائين پهچي ويندو. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر ۾ اجلاس جي صدارت کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته يقينن اها ڳالهه پريشان ڪندڙ آهي پر سٺي ڳالهه اها آهي ته اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اسان انتظامي قدمن جي صلاحيت رکون ٿا. هن چيو ته اڳ ۾ ئي ايس او ??يز جون خلاف ورزيون ڪندڙن جي خلاف ايڪشن ورتو پيو وڃي جڏهن ته اين سي او سي هاڻي اهڙن ماڻهن جي خلاف سخت ايڪشن جو فيصلو ڪيو آهي.