اسلام آباد-26 ڊسمبر (اي پي پي) حج رهتن جي ٻي قسط جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 27 ڊسمبر آهي، ڪامياب قرار ڏنل حج پانڌيئڙا پنهنجون رهتو?? مقرر تاريخ تائين ضرور جمع ڪرائين. مذهبي معاملن واري وزارت جي ترجمان چيو آهي ته مذهبي معاملن واري وزارت حج رهتن جي ٻي ق??ط 19 کان 27 ڊسمبر تائين وصولي جو اعلان ڪيو هو ا??و مدو اڄ جمعي 27 ڊسمبر تي پورو ٿي ويندو. ترجمان چيو ته حج پانڌيئڙن کي گذارش آهي ته حج پيڪيج جي تبد??لي جي ضرورت تي لاڳاپيل بئنڪ برانچ کان وقت سر تبد??لي ڪرائي سگهجي ٿي، ڪامياب حج پانڌئيڙا حج رهتن جي ٻي قسط جا 4 لک ??ميت اختياري سهولتون جيڪڏهن آهن، مثال طور قرباني، 2/3 بيڊ، ڌار ڪمرو (19 کان 27 ڊسمبر) لازمي جمع ڪرائين.