اسلام آباد – 11 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس ??اش?? اعواڻ چيو آهي ته هي هڪ ٻئي تي تنقيد جو نه پر گڏجي ويهي ملڪ مان ڪورونا وائرس کي ختم ڪرڻ ۽ مستحقين تائين امداد جي فراهمي لاءِ موثر حڪ??ت عملي اختيار ڪرڻ جو وقت آهي، وزيراعظم عمران خان ڪورونا وائرس جي صورتحال جو ويجهي کان جائزو وٺي رهيو آهي ۽ 13 اپريل تي قومي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ صوبن جي مشاورت سان اڳتي جي حڪ??ت عملي بابت فيصلا ڪيا ويندا. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته وزيراعظم عمران خان روزاني جي بنياد تي لاڳاپيل عملدارن سان م??اقاتون ڪري رهيو آهي، حڪ??مت جي ڪوشش آهي ته متوازن فيصلا ڪي?? وڃن ته جيئن وبا مان به ڇوٽڪارو ملي سگهي ۽ ملڪ جا پيڙهيل ماڻهو به متاثر نه ٿين، ڪورونا سان گڏوگڏ مستحقين جي مدد بابت به فيصلا ڪرڻا آهن.