اسلام آباد – 04 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نواز شريف ۽ زرداري جي سياست لوڏا کائي رهي آهي، پي ڊي ايم کانپوءِ (ن) ليگ ۽ پيپلزپارٽي سياست جي خاتمي جو وقت نظر اچي رهيو آهي، ڪالعدم پا??ٽي جو رويو ۽ ڪم اسلامي تعليم، آئين ۽ قانون جي ابتڙ هو، انهي لاءِ حڪومت ان پا??ٽي کي ڪالعدم قرار ڏنو، حڪومت وانگر ان ڏس ۾ عدلي?? ۽ ??ليڪشن ڪ??يش?? کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، يورپي يونين جي قرارداد پاڪستان جي داخلي معاملن تي ا??را??داز نه ٿيندي، وزيراعظم عمران خان واضح ڪيو آهي ته ناموس رسالت ﷺ تي ٺاهه نه ٿو ٿي سگهي، اليڪشن ڪ??يش?? ٻڌائي ته ڪهڙي طرح يو اي اي ۾ ويٺل شخص جي نالي تي پا??ٽي رجسٽرڊ ٿي وئي، ڀارت ۾ اليڪشن مهم جي ڪري ڪورونا وائرس جو ڦهلاءُ وڌيو، اسان جي اليڪشن ڪ??يش?? کي به ذميواراڻو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو جڏهن ته ضمني اليڪشن ۾ ڪورونا بچاءُ ايس او پيز تي عمل نظر نه اچي رهيو آهي. هو وزيراعظم آفيس ۾ وف??قي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري وف??قي وزير چوڌري فواد حسين هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته 16 آڪٽوبر 2020ع تي چونڊ سڌارن جو بل ايوان ۾ متعارف ڪرايو ويو، ان بل جي 49 مان 40 نقطن تي سمورين سياسي پا??ٽين جو اتفاق راءِ هو پر ان کانپوءِ مخالف ڌر پا??ان ان معاملي کي پٺتي وڌو ويو ۽ چيو ويو ته چونڊ سڌارن بابت وزيراعظم پاڻ نه ٿو چوي، ان تي وزيراعظم قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي خط لکيو جنهن تي اسپيڪر سمورين سياسي پا??ٽين کي خط لکيو رڳو پيپلزپارٽي نويد قمر کي فوڪل پرسن مقرر ڪيو، (ن) ليگ سميت ٻين پا??ٽين جواب نه ڏنو، هاڻي سان سول سوسائٽي، هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيسنز، پريس ڪلبنز سميت هر فورم ۾ وڃي رهيا آهيون ۽ انهن کي مخالف ڌر جي ان اهم معاملي تي غيرسنجيده رويي بابت ٻڌائينداسين.