اسلام آباد – 26 اپريل (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان ڪورونا وائرس جي وبا سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال ۽ معيشت جي بحال?? لاءِ چار نڪاتي ايجنڊا تجويز ڪندي چيو آهي ته ڪووڊ -19 وبا جي ڪري وڏو عالمي بحران درپيش آهي، عوامي صحت ۽ معاشرتي تحفظ ??ي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي، وبا جي ڪري پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ ۾ مشڪلاتون آهن، پاڪستان ماحولياتي تبديلي جي حوالي سان جامع پاليسين تي عمل پيرا آهي، صرف علائقائي ۽ عالمي تعاون ۾ اضافي جي ذريعي ئي سڀني ج?? لاءِ سستي ويڪسين تائين هڪجهڙي پهچ يقيني بڻائي سگهون ٿا. اسرندڙ ملڪن ج?? لاءِ قرض جي مسئلي ک?? منصفاڻي ۽ پائيدار انداز ۾ حل ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايشيا ۽ بحرالڪاهل بابت اقتصادي ۽ سماجي ڪميشن جي 77 هين اجلاس جي افتتا??ي سيشن کي ورچوئل خطاب ڪندي ڪيو.