اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا جي 2 هزار 208 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 37 ماڻهو ان وائرس سبب ??وت ٿيا جنهن ??ان 34 ماڻهو اسپتالن ۾ ۽ 3 مريض گهرن ۾ قرنطينه دوران فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪووڊ – 19 جا 38 هزار 544 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن ??ان سنڌ ۾ 12 هزار 430، پنجاب ۾ 15 هزار 3، خيبرپختونخوا ۾ 3 هزار 473، اسلام آباد ۾ 5 هزار 975، بلوچست??ن ۾ 626 ، گلگت بلتست??ن ۾ 297، آزاد ڪشمير ۾ 740 ٽيسٽ شامل آهن. هن ??قت تائين س??ي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 25 هزار 788 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچست??ن ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن ??قت وينٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته س??ي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 869 وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جا 228 مريض آهن. س??ي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس سبب ??تاثر ماڻهن جو تعداد 3 لک 63 هزار 380 آهي.