اسلام آباد – 20 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان حزب اسلامي افغانس??ان جي اڳواڻ گلبدين حڪمت يار اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ افغان امن عمل ۽ پاڪ افغان ٻطرفن لاڳاپن جي حوالي سان خيالن ج?? ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان گلبدين حڪمت يار جي آجيان ڪند?? چيو ته پاڪس??ان ۽ افغانس??ان جي وچ ۾ ٻطرفا تاريخي دوستاڻا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن. وزيراعظم پاڪس??ان جي لاءِ افغانس??ان جي عوام سان ڀائراڻن لاڳاپن جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ افغانس??ان سان ويجهي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي حوالي سان پاڪس??ان جي عزم کي ورجايو.