اسلام آباد – 10 جنوري (اي ??ي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته روز نئين ڪهاڻي روز نئون ڪوڙ، ڪوڙي ڪهاڻي کي وڌ??ڪ ڪوڙ ڳالهائي سچ ثابت نه ٿو ڪري سگهجي، اڄ عدالت ۾ عمران خان حيران ڪري ڇڏيو، سندس وڪيل چوي ٿو ته پاناما کي ??ڪ طرف رکي ڇڏيو ۽ پارليامينٽ ۾ وزيراعظم جي تقرير تي ڳالهايو، اسان ڪيس وڙهڻ آيا هئاسين پاناما جو ۽ جواب ڏئي ره??ا آهيون پارليامينٽ ۾ تقرير جو. سپريم ڪورٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته حيران ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته پي ٽي آءِ جو موقف اڄ عدالت ۾ اهو هو ته پاناما پيپرزڪيس کي ??ڪ طرف رکو ۽ وزيراعظم جي پارليامينٽ ۾ ڪيل تقرير تي ڌيان ڏنو وڃي، هو پاناما ڪيس وڙهڻ آيا هئا جنهن سان و??يراعظم جو ڪو تعلق نه هو ۽ اهو ئي موقف پاڪستان مسلم ليگ (ن) ۽ وزيراعظم محمد نواز شريف جو آهي. مملڪتي وزير چيو ته عدالتون ثبوتن تي فيصلا ٻڌائين ٿيون پر عمران خان کي عادت آهي ته هو عدالت ٻاهران هڪ عدالت هڻي ٿو ۽ ان ۾ ڪوڙ ڳالهائي ٿو ۽ پاڪستان جي ٽيون ڀيرو چونڊيل وزيراعظم جي ساک کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو.