واشنگٽن-25 آڪٽوبر (اي پي پي) آمريڪي پرڏيهي وزير انٽوني بلنڪن اسرائيلي ف??جي ڪارروائين جي نتيجي ۾ غزه ۾ بي گهر ٿيل فلسطينين لاءِ 135 ملين ڊ??لرن جي امداد جو اعلان ڪيو آهي. پرڏيهي خابرو اداري مطابق امدادي رقم جو اعلان ان وقت ڪيو ويو آهي جڏهن غزه ۾ جنگ بندي لاءِ ڪوشسون هڪ ڀيرو ٻيهر شروع ڪيو پيون وڃن. انٽوني بلنڪن چيو ته اسان اڄ 135 ملين ڊ??لرن جي امداد جو اعلا?? ڪري رهيا آهيون ته جيئن انساني بنيادن تي امداد جي فراهمي ممڪن بڻائي سگهجي. ان سلسلي ۾ غزه، اولهندي ڪناري ۽ ٻين علائقن کي پ??ڻي ۽ طبي اوزار فراهم ڪيا پيا وڃن. غزه ۾ جاري اسرائيلي جنگ دوران وچ اوڀر جي يارهين دوري جي موقعي تي آمريڪي پرڏيهي وزير چيو ته هن وقت تائين 1.2 ارب ڊالرن جي آمريڪي امداد فلسطينين کي ڏني وئي آهي.