ڊيووس – 23 جنوري (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگ تباهي هوندي، جنگُون مسئلا حل ڪرڻ بدران وڌيڪ مسئلا پيدا ڪنديو?? آهن، ڊيووس ۾ عالمي اقتصادي فورم جي موقعي تي سي اين بي سي جي هيڊلي گيمبل کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ و??ير??عظم چيو ته جيڪڏهن آمريڪا ۽ ايران جي وچ جنگ ٿي ته اها تباهي آڻيندڙ هوندي، يقين ڪريو ته ايران جو تڪرار افغانستان جي مقابلي ۾ انتهائي مشڪل هوندو، و??ير??عظم آمريڪا جي طرفان ڳالهين لاءِ آمادگي کي ذميداراڻو قرار ڏيندي چيو ته 19 سال گذرڻ جي باوجود افغانستان جو تڪرار حل نه ٿي سگهيو ۽ ڌريون ڳالهين جاري رکڻ ۽ فائربندي لاءِ ڪوششون ڪري ره??و?? آهن، هن چيو ته افغانستان ۾ به ماڻهو مري ره??ا آهن، هڪ کرب ڊالر کان وڌيڪ خرچ ٿي چڪا آهن ته ڇا آمريڪا وڌيڪ ڪنهن ٽڪر جي سٽ سهي سگهي ٿو.