اسلام آباد – 11 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان جي عوام ڀارتي ظ??م ۽ ڏاڍ جو شڪار ڪش??ير?? ڀينرن ۽ ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي، پاڪستا?? ڀارت جي پارليامينٽ جي هيٺين ايوان لوڪ سڀا جي طرفان تڪراري سٽيزن شپ ترميمي بل جي منظوري ۽ اقليتن سا?? ڀارتي فاشست حڪومت جي غير انساني سلوڪ جي مذمت ڪري ٿو. صدر اهڙن خيالن جو اظهار سريلنڪا لاءِ پاڪستان جي نامزد سفير ميجر جنرل (ر) محمد سعد خٽڪ سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو.