اسلام آباد – 20 سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو آهي ته چڪ فيني وڏو ماڻهو آهي. سماجي رابطن جي ويب س??ئيٽ ٽوئيٽر تي وزيراعظم عمران خان پاران آمر??ڪي ارب پتي شخصيت 89 سالا چڪ فيني، جنهن پن??نجي پوري دولت عطيو ڪري ڇڏي آهي، ان بابت ٽوئيٽ تي پن??نجي ردعمل ۾ صدر چيو آهي ته چڪ فيني وڏو ماڻهو آهي. هن چيو ته منهنج?? مرحوم والد ڊاڪٽر حبيب الرحمان الاهي علوي چوندو هو ته جيڪو ڪجهه آئون خيرات ڪريان ٿو اهو ئي آهي جيڪو آئون آخرت جي لاءِ گڏ کڻي وڃي رهيو آهيان، ٻين کي ڏيڻ ٻنهي جهانن ۾ رهي ٿو.