اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ا??بڪستان جي نائب وزيراعظم براءِ سيڙپڪاري ۽ پرڏيهي اقتصادي لاڳاپ?? سر دور عمر زقوف ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ڪووڊ -19 جي وبا، ٻه طرفي تعاون، علائقائي رابطاڪاري ۽ علائقائي امن ۽ سلامتي سميت گڏيل دلچسپي جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود به ملاقات ۾ موجود هو، ??زيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ازبڪستان جي وچ ۾ ويجها ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، هن ا??بڪستان جي صدر سان پنهنجي م??اقات جو حوالو ڏيندي چيو ته پاڪستان عالمي وبا جي ختم ٿيڻ تي سندس دوري جو منتظر هوندو، ??زيراعظم چيو ته مختلف ريلوي م??صوبن جي تعمير جي نتيجي ۾ واپار ۽ علائقائي رابطاڪاري جا موقعا وڌندا، ازبڪ نائب وزيراعظم ازبڪستان جي صدر طرفان وزيراعظم عمران خان جي نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو ۽ چيو ته هو پاڪستان جي دوري جو منتظر آهي.