اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان ڏکڻ پنجاب جي ضلعن سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميمبرن اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير شاهه مح??ود قريشي، سيد فخر امام، مخدوم خسرو بختيار، مملڪتي وزيرن زرتاج گل، مح??د شبير علي قريشي، قومي اسيمبلي ميمبر ملڪ عامر ڊوگر، ظهور حسين قريشي، مخدوم زين حسين قريشي، مح??د ابراهيم خان، رانا مح??د قاسم نون، ميان مح??د شفيق، طاهر اقبال، اورنگزيب خان کچي، مخدوم سميع الحس?? گيلاني، سيد مبين احمد، چوڌري جاويد اقبال، عامر طلال گوپانگ، عبدالمجيد خان نيازي، نياز احمد جکڙ، خواج?? شيراز مح??ود، مح??د امجد فاروق خان کوسا، سردار نصرالله خان دريشڪ، سردار رياض مح??ود مزاري، ڪنول شوزب، ڊاڪٽر افضل ڍانڍلا، ث??اءُ الله مستي خيل ۽ سردار مح??د خان لغاري شامل هئا. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم ميمبرن سان ڳالهائيندي چيو ته ڏکڻ پنجاب جي لاءِ موجوده حڪومت پاران کنيل قدمن جو مقصد ڏکڻ پنجاب جي عوام کي نمائندگي ڏيڻ ۽ بااختيار بڻائڻ آهي ته جيئن انهن جا مسئلا انهن جي درن تي حل ٿي سگهن. ان ڏس ۾ وزيراعظم پرڏيهي وزير شاهه مح??ود قريشي جي سربراهي ۾ ڪميٽي قائم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. جيڪا پنجاب جي وڏي وزير سان ملاقات ڪندي ۽ انتظامي معاملن ۾ درپيش مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪندي.